سڳيون: هڪ ئي خاندان جي 6 ڀاتين کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

WhatsApp Image 2024-09-07 at 14.32.43_31dab6b1

سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون لڳ لوئر سيٺارجا ۾ هڪ ئي خاندان جي ڇهن ڀاتين کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيو آهي، زخمين ۾ 2 مرد ۽ 4 عورتون شامل آهن، جن کي فوري طور تي سڳيون جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو ويو، جتي کين طبي امداد لاءِ ڊاگ بائيٽ ويڪسين ڪئي وئي، پي پي ايڇ آءِ سڳيون اسپتال جي ڊاڪٽرن صحافين کي ٻڌايو ته لوئر سيٺارجا ۾ هڪ ئي گهر جي 6 گهر ڀاتين دلشير علي، ۽ عذير علي، خوشبو  ناز، سلما ناز، صدوران ناز ۽ بشيران ناز شامل آهن جن کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *