چوهڙ جمالي: ايس ايڇ او حامد اوٺو جي مقرري بعد منشيات فروشن ۾ ٿرٿلو متل
چوهڙ جمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ ) ايس ايڇ او حامد اوٺو نيوز نائو ايڇ ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي ھدايتن تي منشيات فروشن سميت ڏوھارين کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، منشيات فروشن کي جلد جيل حوالي ڪنداسين، پوليس جو گشت وڌائي ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي رستا روڪ جو عمل تيزي سان شروع ڪيو ويو آھي شھر ۾ امن امان جي فضا قائم ڪري شھرين کي رليف فراھم ڪيو ويندو مختلف رستن تي سينپ چيڪنگ لاءِ پڪيٽ قائم ڪيون وينديون، هن وڌيڪ چيو ته شھرين کي گھرجي ته شھر جي چوڪن تي سي سي ٽي وي ڪميرائون لڳرائن ته جئين شھر ۾ ٿيندڙ ڪنھن به اڻوندڙ واقعي کي ڪنٽرول ڪري سگھجي، مين بازارن ۾ ديوٽي ڪندڙن چوڪيدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي آھي ڪنھن به مشڪوڪ ماڻھو کي ڏسو ته ٿاڻي تي بروقت اطلاع ڪيو
