اوٻاوڙو: 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) پوري ملڪ جي ٻين شهرن جيان اوٻاوڙو ۾ به يوم دفاع جي موقعي تي مختلف سرڪاري اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ بينر کڻي پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هڻي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو، اسين پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون اسان جو ٻچو ٻچو پاڪ فوج سان گڏ آهي
