سڳيون: وڌندڙ بدامني خلاف رهواسين جو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) بدامني عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو وڌندڙ بدامني خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا سيال اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي عابد چنا، ڪامريڊ غلام قادر چنا، غلام حيدر چنا، حڪم ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سڳيون پوليس چوڪي تي مقرر ٿيل چوڪي انچارج سهراب شر امن ڪرائڻ بدران ڀوتارن ۽ چورن جون دعوتون کائڻ ۾ مصروف آهي سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي ٽي ڏينهن اڳ سڳيون جي مين شاهي بازار مان نامعلوم چاٻي چور عابد چنا جي 125 موٽر سائيڪل چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جنهن جا بروقت سي سي ٽي وي فوٽيج پوليس کي ڏنا هئا پر پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي سڳيون پوليس جي نااهلي سبب سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن هنن مطالبو ڪيو ته وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي
