شڪارپور: 6 سيپٽمبر يوم دفاع جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) 06 سيپٽمبر يومِ دفاع جي حوالي سان جهاز چوڪ کان پريس ڪلب شڪارپور تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما ڪئي، ريلي ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سجاد احمد شيخ ، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم الدين، انفارميشن آفيس ۽ ضلع جي مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي، ريلي ۾ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا ويا، جڏهن ته خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪاپور محمد فيضان چيما چيو ته 06 سيپٽمبر 1965ع  تي دشمن فوج جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *