ڏهرڪي: ٽائون ڪاميٽي جي سال 25/24 لاءِ 59 ڪروڙ 46 لک رپين جي بجيٽ پيش،
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ٽائون ڪميٽي جو ساليانو بجٽ اجلاس ٿي گذريو آهي جنهن ۾ سال 2024/25 لاءِ 59 ڪروڙ 46 لک رپين جي بجيٽ منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ پگهارن لاءِ 34 ڪروڙ 80 لک ۽ پينشن لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک رپيا رکيا ويا، جڏهن ته ڪانٽيجنسي جي مد ۾ 11 ڪروڙ 38 لک ۽ مرمتي ڪمن لاءِ هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا رکيا ويا آهن، بجٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي ڪونسلرن ڄام عبدلفتاح سميجو، حاجي پير بخش ڀٽي ۽ ٻين چيو ته شهر جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر هڪ ڪونسلر کي پنهنجي پنهنجي وارڊ ۾ پنهنجي نگراني هيٺ ڪم ڪرائڻ گهرجي عوام اسان تي اعتماد ڪندي اسان کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو آهي
