ڏهرڪي: محمد جمن شيخ کي سنڌ شيخ الائنس جو تعلقي صدر مقرر ڪيو ويو
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڏهرڪي ۾ سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ پاران نوجوان محمد جمن شيخ کي سنڌ شيخ الائنس ڏهرڪي لاءِ تعلقي صدر مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ پنهنجي شيخ برادري جي نوجوانن کي گڏ کڻي هلڻ واري مشن تحت سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ شيخ برادري سان ٿيندڙ ظلم و جبر خلاف سنڌ شيخ الائنس جو قيام عمل ۾ آندو آهي، جنهن بعد هن ميرٽ ۽ ورڪنگ نوجوانن تي مشتمل ٽيمون جوڙي سموري سنڌ ۾ ضلعي توڙي تعلقن تي عهديدار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ان موقعي تي نئين چونڊيل تعلقي ڏهرڪي جي صدر محمد جمن شيخ چيو ته مان سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ جو شڪر گذار آهيان جن مون تي اعتماد ڪندي مونکي ڏهرڪي ۾ شيخ برادري جو خدمتگار مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته مان پنهنجي ٽيم سميت پنهنجي برادري جي هر ڏک سک جو ساٿي بڻجڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، هوڏانهن سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان شيخ برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون
