مٽياري: ڊي اي او پرائمري جي هدايتن تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پاران مختلف اسڪولن جا دوره

WhatsApp Image 2024-09-03 at 13.51.28_17c0819f

مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) ڊي اي او پرائمري صدف اڪبر ميمڻ جي هدايتن تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد رفيق ملاح پاران استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ ۽ تعليمي معيار کي چيڪ ڪرڻ لاءِ مختلف اسڪولن جا دوره ڪيا، مٽياري ضلع جي ڊپٽي ڊي اي او رفيق ملاح پندرهن کان وڌيڪ گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪولن تي ڇاپا هڻي تدريسي ۽ غير تدريسي عملي توڙي ٻارڙن جي حاضري ۽ اسڪولن جي صفائي سٿرائي سميت انتظامي معاملن جو جائزو ورتو آهي، هن مختلف ڇاپن ۾ اٺ فيميل ٽيچرس ٻن ميل ٽيچرس ۽ ڇهن چوڪيدارن ۽ پٽيوالن کي ڊيوٽي تان غيرحاضر هجڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جنهن بعد گوسڙو ملازمن ۾ٿرٿلو مچي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊي اي او پرائمري محمد رفيق ملاح جو چوڻ آهي ته ڊي اي او پرائمري مٽياري جي هدايتن تي تعليمي معيار ۽ استادن جي حاضري کي چيڪ ڪرڻ لاءِ دورا ڪري رهيو آهيان، فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ غير حاضر استادن توڙي غير تدريسي عملي سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *