نصير آباد: عورتن جي وظيفي جي رقم مان ناجائز ڪٽوتي عروج تي پهتل
نصير آباد ( رپورٽ: قمر عباس شاهه ) نصيرآباد ۾ عورتن جي وظيفي جي آيل رقم 10 هزار پنج سئو مان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽر بينڪ الفلاح تي مقرر عملي پاران ناجائز ڪٽوتي عروج تي پهتل، مستحق عورتن جي وظيفي جي رقم مان ناجائز طور تي پنج سئو کان هڪ هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪئي پئي جنهن ڪري مسڪين عورتون انتهائي پريشان آهن، جڏهن ته گرمي سبب عورتون بيحال بڻيل آهن ۽ سينٽر تي سهولتن جي کوٽ آهي، مسيڪن عورتن وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي
