عمرڪوٽ: پٿورو ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير خضر حيات منڱريو پاران برسات متاثر علائقن جو دورو
عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير خضر حيات مڱريو پاران مختلف ھنڌن تي دورو ڪيو ويو، هن اڳواڻن سان ملاقات ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال متعلق ڄاڻ ورتي، فقير خضر حيات مڱريو پٿورو پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھتي عمرڪوٽ جا اڳواڻ ڇهن سالن کان ھڪ اشو کي کنيو ھلن پيا پر ان باوجود اھو اشو حل ناھن ڪري سگھيا، عمرڪوٽ ضلعي جا ڪافي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آھن، ھاڪڙي جا لنگهه ۽ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو حل نه پيو ٿئي، هن چيو ته عمرڪوٽ ضلعي جي عوام لاءِ ڪم ڪن ته اسان به انهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي ھلنداسين، سياسي اختلاف الڳ آھن عوام جي مدد ڪرڻ سڀني جو حق آھي، هن وڌيڪ چيو ته سياسي اختلافن باوجود پٿورو چيئرمين کي جس ڏيان ٿو ته هو رات جي اوور ٽائيم ھوندي به مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ بيھي ٿو ۽ هن ڪم ڪري ڏيکاريو آھي
