عثمان شاهه هڙي: ڳوٺ نبي بخش گبول ۾ برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ڳوٺاڻن جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-01 at 21.50.44

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) جهنڊومري جي يوسي سلطان آباد جي قديمي ڳوٺ نبي بخش گبول ۾ برساتي پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، ڪيترائي گهر برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، برسات متاثر ڳوٺاڻن عبيدالله گبول، شاهنواز گبول، محمد قاسم گبول، ولي محمد گبول ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن پورو ڳوٺ برسات جي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا پنهنجا واٿاڻ ڇڏي لڏپلاڻ ڪري روڊن ۽ رستن تي رهڻ تي مجبور آهن، سندن زرعي آباديون ٻڏي ويون آهن جڏهن ته فصل تباهه ٿي چڪا، ضلعي ٽنڊوالهيار جي چونڊيل نمائندن سندن سارسنڀال ناهي لڌي، ڳوٺاڻن چيو ته اسين ضلعي ٽنڊوالهيار لاءِ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن سرفراز راڄڙ ۽ ڊي سي هائوس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون اسان سهائتا نه پئي ڪئي وڃي، برساتن بعد اسان جو ڪو به ڌڻي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، برسات متاثرن فريال ٽالپر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *