سڳيون: کرل شاخ کي گهارو، ترن، ووئڻن ۽ ڪيلن سميت ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ

WhatsApp Image 2024-09-01 at 21.49.09

سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون ڀرسان کرل شاخ کي گهارو پيو نتيجي ۾ ترن، ووئڻن ۽ ڪيلن جي فصلن سميت ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، آبپاشي ۽ ايريگيشن کاتي عملدارن کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪو به گهاري واري هنڌ نه پهتو، جڏهن ته ڳوٺاڻ احتجاج ڪندي شهر ٻڏڻ جو خطو ظاهر ڪيو آهي، ڪامريڊ علي محمد لڪ، علي مراد لڪ، وهيل منڱڻيجو، ڌڻي بخش منڱڻيجو، عرس ڪوري، فهيم چنا ۽ ٻين چيو ته سڳيون جي کرل شاخ کي گهارو لڳڻ سبب کرل شاخ جو پاڻي ترن، جوئرن، گوار، وونئڻن ۽ ڪيلن جي فصل سميت ٻين ڪيترن ئي فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سڳيون جي کرل شاخ جي داروغي ۽ ٻين عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري فوري طور گهارو بند ڪرايو وڃي ان سان گڏ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *