سامارو ڀرسان فصل ۾ برساتي پاڻي ڏسي پيرسن فوت گهر ۾ ڪهرام متل

WhatsApp Image 2024-08-31 at 18.55.13_e2dcd8d9

سامارو ( رپورٽ: دليپ ڪمار  ) ڳوٺ صالح ڀنڀرو ڀرسان 50 ساله ھاري پريم پٽ رامشي ڪولھي بصر جي فصل ۾ برساتي پاڻي ڏسي بيهوش ٿي ويو جنھن کي وارثن کڻائي سامارو اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن جي فوت ٿي جي تصديق ڪئي، ان موقعي تي فوتي ھاري جي وارثن ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پيرسن ھاري پريم ڪولھي زمين تي پوکيل بصرن جي فصل ۾ برساتي پاڻي ڏسي بيھوش ٿي ويو جنهن کي بيهوشي جي حالت ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي جتي ڊاڪٽرن پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ٻئي پاسي فوتي ھاري جو لاش گهر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *