خيبر پختون خواهه ۾ جولاءِ کان جاري برساتن ۽ ٻوڏ سبب 88 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا انگ اکر جاري
پشاور: ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه ۾ پهرين جولاءِ کان 30 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جا انگر اکر جاري ڪيا ويا آهن،
پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب برساتن ۽ ٻوڏ سبب 88 ڄڻا فوت ۽ 129 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن ۾ 61 ٻارڙا ۽ 39 مرد شامل آهن
پي ڊي ايم اي خيبر پختون خواهه موجب برساتن سبب ڪل 958 گهرن کي نقصان پهتو آهي، 698 گهر جزوي ۽ 260 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا آهن.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ دير بالا ۾ هڪ گهر مٿان لينڊ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.
