ڪشمور ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ قتل 2 زخمي
ڪشمور ( رپورٽ: اقرار گل فراس ) ڪشمور ٿاڻي جي حد فاروقي باغ واري علائقي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان حاجي ڪمال چانڊيو قتل ٿي ويو، جڏهن ته گلشير چانڊيو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن چانڊيا برادري پاران انڊس هاءِ وي تي لاش رکي روڊ ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل رهي، مقتول جو مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن زخمين مان گلشير جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، پوليس موجب واقعو ڪافي عرصي کان هلندڙ تڪرار تان پيش آيو آهي
