لاڙڪاڻي بورڊ سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا
لاڙڪاڻو: ( رپورٽ عبدالوحيد ابڙو )لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان مئٽرڪ جي سالياني امتحان جو نتيجو جاري، شاگردياڻين ۾ نرجس فاطمه ابڙو 1002 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي، مسڪان آرائين 999 مارڪون کڻي ٻين جڏهن ته منهال رياض پٺاڻ 996 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، شاگردن ۾ شهزاد علي ڪيهر 1002 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي، حسن ڀنگر 999 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته معظم علي عباسي 997 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، جنرل گروپ ۾ سيد صفدر حسين شاهه 958 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ڪاشف اقبال شيخ 955 مارڪون کڻي ٻئين ۽ حامد علي شيخ 953 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي
