عثمان شاهه هڙي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جا راڱا جاري، ڪيترائي گهر ڊهي پيا
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) عثمان شاهه هڙي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جا راڱا جاري آهن، مختلف هنڌن تان ڪيترائي گهر ڪري پيا جڏهن ته رستن تي پاڻي بيهڻ جي ڪري رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته انتظاميه پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا، يوسي چيئرمين سميت سمورو عملو غائب آهي، ان موقعي تي حسن ساھوال، الله بچايو ۽ ٻين چيو ته لکين روپين جي بجيٽ ھئڻ باوجود ڪا سھولت ميسر ناهي برسات جي گندي پاڻي جي ڪري مڇر جو آزار پڻ وڌي ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ھميشه اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت گھرن ۽ گھٽين مان پاڻي نيڪال ڪرايو آهي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن
