ڪراچي: سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي سامونڊي طوفان جو الرٽ جاري

WhatsApp Image 2024-08-29 at 15.13.32

ڪراچي ( بيورو رپورٽ: آفاق پتافي ) پي ايم ڊي سنڌ صوبي جي ساحلي پٽيءَ تي سامونڊي طوفان جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، موسميات کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ رن آف ايريا تي هوائن جو زور آهي هوڏانهن چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفرار جو چوڻ آهي ته هوائن جي دٻاءَ سبب اڄ رات يا سڀاڻي تائين سامونڊي طوفان اچڻ جو امڪان آهي هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊيپ ڊپريشن ڪراچي کان 270 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي، طوفان سبب ساحلي علائقي ابراهيم حيدري، مبارڪ ڳوٺ جي آبادي ۾ پاڻي اچي سگهي ٿو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *