سانگهڙ ۾ به جاري رهندڙ برسات هيٺاهين وارن علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو
سانگهڙ ( رپورٽر ) ضلع سانگھڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسو هلندڙ آهي برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته برسات بعد بجلي بند آهي ۽ ڪاروبار ٺپ بڻيل آهن هوڏانهن مواصلاتي نظام درهم برهم بڻيل آهي، برسات بعد مختلف هنڌن تي گهرن جون ڇتيون ٽمي پيون آهن برسات متاثرن پاران وس وارن کان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو
