شڪارپور: مون سون ايمرجنسي لاءِ مقرر ڪيل ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي
شڪارپو ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد جي اجلاس ۾ ايم پي اي امتياز احمد شيخ، چيئرمين ضلع ڪائونسل شڪارپور ذوالفقار علي خان، چيف انجنيئر اسڪارپ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ آفيسر، واپڊا عملدار ، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ضلعي جي سڀني آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار براءِ بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن اينڊ ڪوآپريٽوو ڊپارٽمينٽ سنڌ ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ٻڌايو ته شڪارپور ضلعي ۾ 2 ايم اين اي ۽ 3 ايم پي اي جون سيٽون آهن ، هتي برسات 219 ملي ميٽر پئي آهي. هن چيو ته شهر شڪارپور ۾ 30 خانپور ۾ 9 ڳڙھي ياسين ۾ 22 لکي غلام شاهه ۾ 30 پمپنگ اسٽيشنون آهن، هن ٻڌايو ته ايمرجنسيءَ لاءِ اسٽيبلشمينٽ آف ڪنٽرول روم ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ قائم ڪيو آهي، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايم پي اي امتياز احمد شيخ چيو ته اسان کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون آھن ته عوام کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه پهچي
