عثمان شاھ ھڙي سميت علائقي ۾ طوفاني برسات جا راڱا ڪيترن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيھڻ سان ڳوٺاڻا پريشان

WhatsApp Image 2024-08-29 at 12.39.01

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) تعلقي جهنڊومري جي سمورن علائقن مسڻ، سلطان آبان، پيارولنڊ، ميرآباد، ڊاسوڙي، قيصرسينھڙو، ٽنڊوسومرو، ڪلرشاخ سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻن ڏينهن کان لاڳيتو برسات جو وسڪار جاري آهي ڪيترن ئي علائقن ۾ پورهيتن جي ڪچن ڪکاون گهرن جو ڇتون ٽمي پيون ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ فصل اندر برساتي پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ٻن ڏينهن کان لاڳيتو برسات جي وسڪاري سبب زندگي مفلوج بڻيل آهي ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي چڪا آهن، روزانو جي بنياد تي مزدوري ڪندڙ پورهيت طبقو پريشان کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، برسات بعد بجلي بند آهي موبائل فون سسٽم نه هلڻ ڪري رابطا ڪٽيل آهن،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *