صحافي بچل گهڃون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميهڙ ۽ نوشهروفيروز ۾ قلم ڌڻي سراپا احتجاج
ميهڙ/نوشهروفيروز ( رپورٽ: ذوالفقار تڳر _ عبدالرحمان چانڊيو ) گھوٽڪي جي علائقي رائونتي ڪچي ۾ شھيد ٿيل صحافي محمد بچل گھنيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ميهڙ ۽ نوشهروفيروز ۾ صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن، نوشهروفيروز ۾ سنڌ صحافي اتحاد پاران نيشنل پريس آڏو يونس راڄپر، ظفر تڳر، مولابخش مشوري، خادم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي حق سچ لکندڙ صحافين کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي هنن چيو ته اسان قانون جي وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته صحافي بچل گهڃو جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن هوڏانهن ميهڙ ۾آزاد پريس ڪلب، ايوان صحافت، سنڌ پريس ڪلب جي قلم ڌڻين پاران اڪبر ڪانڌڙو، انور ڪانڌڙو، ظھير عباس پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو اڳواڻن چيو ته سنڌ جي صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي جنھن جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا ھنن چيو ته حق سچ لکندڙ صحافي محمد بچل گھنيو کي ڪچي جي ڏوهارين گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو مطالبو ڪريون ٿا ته صحافي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃيسندس جا قاتل فورن گرفتار ڪيا وڃي
