سڳيون واسي پورهيت جي گهر مان ڦر جي واردات، نامعلوم ڦورو ڏينهن ڏٺي جو گهر ۾ داخل ٿي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون ۾ ڏينهن ڏٺي جو محمد شريف چنا جي گهر مان نامعلوم ڦورو گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بڻائي بيٽري ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا اهڙي واقعي خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي صابر چنا، نويد ملاح، محراب چنا ۽ ٻين چيو ته سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني وڌندي پئي وڃي پر سڳيون پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي هنن چيو ته اڄ ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم ڦورو محمد شريف چنا جي گهر زبردستي داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بڻائي نئين بيٽري ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، متاثر محمد شريف چنا چيو ته آئون غريب مسڪين آهيان هوٽل تي مزدوري ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان ٽي ڏينهن اڳ قسطن تي قرض کڻي بيٽري ورتي هئي اڄ ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم جوابدار گهر ۾ زبردستي داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بڻائي بيٽري کڻي ويا آهن، متاثر ڳوٺاڻي واس وارن کان اپيل ڪئي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي
