شڪارپور: جماعت اسلام جي مرڪزي سڏ تي بجلي، گئس جي واڌو بلن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاج
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) جماعت اسلامي پاڪسان جي مرڪزي سڏ تي بجلي، گيس جي واڌو بلن ۽ ھٿرادو مھانگائي، سرڪاري ملازمن تي مڙھيل ٽئڪس ۽ ٻين عوامي مسئلن خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي جماعت اسلامي شڪارپور جي اڳواڻ مولانا عبدالسميع ڀٽي، مولانا صبغت الله منصوري، ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ، مولانا محمود الاھي هڪڙو، مولانا صدرالدين مهر، حافظ نياز ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لکيدر گھنٽا گھر چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي لکيدر تي پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ظالم حڪمرانن ھٿرادو مھانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، اڳواڻن چيو ته اسين شھر واسين، سول سوسائٽي، صحافي برادري ۽ واپاري تنظيمن جا ٿورائتا آهيون جن اسان جي ڪال تي اڄوڪي هن احتجاج کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو
