ٺاروشاهه: سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ايس ايم بچاءُ بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو
ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ڪچي جي علائقي ۾ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد درياهه ايس ايم بچاءُ بند کي سٺ ميل ڪوڙيجا ڀاڻ ڀرسان پائڻ لڳو، جڏهن ته آبپاشي عملو سست رفتاري سان ڪم ڪرڻ لڳو آهي جنهن ڪري رھواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، هوڏانهن ڳوٺاڻن پاران لڏپلاڻ هلندڙ آهي، ڳوٺاڻي لطيف سولنگي، بادل ڏاهراج ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جا وھڪرا تيز ٿي ويا آھن، درياهه ايس ايم بچاءَ بند کي 60 ميل ڪوڙيجا ڀاڻ ڀرسان ڀيريون ڏئي پائڻ لڳو آهي، پر آبپاشي عملو نالي ماتر مشينري گھمائي ڪم ڪري رهيا آهن هن چيو ته اسان ٽن مهينن کان دانهيندا رهياسين پر اسان جي شڪايتن تي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو
