لاڙڪاڻو: آپڪا اريگيشن جي سڏ تي جونيئر ڪلارڪ جي برطرفي خلاف ٻين ڏينهن به احتجاج

WhatsApp Image 2024-08-28 at 18.52.35

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئشن آپڪا ايگرگيشن پاران جونيئر ڪلارڪ عبد الله ڀٽي کي بلاجواز نوڪري تان برطرف ڪرڻ خلاف رفيق احمد جتوئي، محمد بخش ڪنڀر، ضمير چانڊيو، اضعر تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻين ڏينهن به احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو، ملازمن آفيسن ۾ قلم ڇڏ ھڙتال ڪري مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، احتجاج ۾ آپڪا ايگرگيشن يونٽ جي صدر محمد الياس ابڙو جنرل سيڪريٽري شمشاد جتوئي، لياقت ڀٽي نصر الله دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس اي ويسٽن اشفاق نوح ميمڻ جونيئر ڪلارڪ عبد الله ڀٽي کي بلاجواز نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي عبد الله ڀٽي 2020 کان ورڪ چارج تي ڪم ڪندو اچي پيو کيس 2023 ۾ ريگيولر ڪيو ويو هو، هنن چيو ته اسين ايس اي ويسٽن اشفاق ميمڻ جي اھڙي عمل کي ملازم دشمن عمل سمجهندي مذمت ڪريون ٿا هنن مطالبو ڪيو ته جونيئر ڪلارڪ عبدالله ڀٽي کي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *