کپرو: هٿونگو ۾ هلندڙ فحاشي جي اڏي خلاف رهواسين جو احتجاج
کپرو ( رپورٽر ) هٿونگو ۾ هلندڙ فحاشي جي اڏي خلاف رهواسين کپرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون، شھرين سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي جان محمد ڪنڀر، عبدالرشيد، عبدالڪريم راڄڙ ۽ ٻين چيو ته هٿونگو پوليس ۽ مقامي بااثر جي آشرواڌ سان وڏي وقت کان فحاشي جو اڏو سرعام هلندڙ آھي جنهن ڪري نوجوان نصل تباهه ٿي رهي آھي، هنن چيو ته فحاشي جو اڏو هلڻ ڪري شھر ۾ ٻاهر جا ماڻھو اچن ٿا جنهن ڪري چورين جو آزار پڻ وڌي ويو آھي، هر آئي ڏينهن چوريون معمول بڻيل آهن، هن مطالبو ڪيو ته هٿونگو ۾ هلندڙ فحاشي جو اڏو بند ڪرايو وڃي
