ڪي اين شاهه: اليڪٽرڪ اينڊ اليڪٽرانڪس يونين پاران ايف بي آر پاران تاجر دشمن پاليسين خلاف احتجاج
ڪي اين شاهه ( رپورٽ: عرفان مشوري ) سموري ملڪ جيان خيرپور ناٿن شاهه ۾ اليڪٽرڪ اينڊ اليڪٽرانڪس يونين پاران ايف بي آر جي طرفان مڙهيل تاجر دشمن پاليسين، اظافي ٽئڪس ۽ گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽئڪس خلاف ريلي ڪڍي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ان موقعي تي اليڪٽرڪ يونين جي جنرل سيڪريٽري عمران زنگيجو ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کي گهرجي ته تاجر دشمن پاليسين ۽ نئين ٽيڪسن جو خاتمو ڪري، خاص ڪري بجلي جي بلن ۾ واڌ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي تي پڻ ضابطو آندو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
