عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات

عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) عمرڪوٽ سميت مختلف علائقن ۾ رات کان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، فصل سخت متاثر، بجلي گم انتظاميه آفيسن تائين محدود ٿي وئي آهي، عمرڪوٽ، پٿورو، شادي پلي، بچابند، غلام نبي شاهه، صوفي فقير  سميت مختلف علائقن ۾ رات کان برسات ۾ تيزي پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، مسلسل برسات جي وسڪاري کانپوءِ تيار بيٺل فصلن کي نقصان رسڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، آبادگار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، موسميات کاتي طرفان ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *