دريا خان مري ڳوٺ نصير کوسو واسي 10 ساله نينگر ٽرين هيٺان اچي فوت

WhatsApp Image 2024-08-28 at 17.15.30_3f83ebd2

دريا خان مري ( رپورٽ: ڪاشف آرائين ) ڳوٺ نصير کوسو واسي 10 ساله نينگر شعبان کوسو ٽرين ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ڪراچي کان پنجاب ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ٽرين جي ٽڪر لڳڻ سبب معصوم نينگر شعبان کوسو ڪٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو علائقي واسين ٻڌايو ته معصوم نينگر مال چاري رھيو ھو ته اوچتو ريلوي پٽڙي ڪراس ڪندي شاليمار ايڪسپريس ٽرين ھيٺيان اچي فوت ٿيو اطلاع تي ريلوي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *