اوٻاوڙو: شهيد صحافي بچل گهنڃو جي قتل جو ڪيس داخل
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) هڪ ڏينهن اڳ رائونتي ڪچي ۾ شهيد ٿيل صحافي محمد بچل گهنڃو جي قتل جو ڪيس 8 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ جوابدار غلام ياسين گهنڃو، عبدالقدير گهنڃو، غازي گهنڃو، شوڪت گهنڃو، عبدالرحمان گهنڃو، نذير گهنڃو غلام حسين گهنڃو ۽ هڪ نامعلوم شامل ڪيو ويو، اهڙو ڪيس مقتول جي ڀاءُ محمد سچل گهنڃو جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ ۽ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود رائونتي پوليس شهيد صحافي جو هڪ به قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي
