مورو: معصوم حسنين عباسي ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا

WhatsApp Image 2024-08-28 at 15.15.01_8286513f

مورو ( رپورٽر ) معصوم حسنين جاني عباسي ھائي پروفائل ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جا ڇاپا، جوابدار نه ملڻ تي گھر کي بلڊوز لڳرائي ڊاھي ڇڏيو، مورو واسي معصوم حسنين جاني عباسي قتل جي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل مک جوابدار دائم ٻرڙو جي گرفتاري لاءِ رات دير سان پوليس جي وڏي اٽالن مورو ڀرسان درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ درس ۾ سندس گھر تي چڙھائي ڪئي، جوابدار دائم ٻرڙو ھٿ نه اچڻ تي پوليس جوابدار جو گھر ڳري مشينري سان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري ڇاپا هنيا پيا وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *