رحيميار خان ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شھيد اھلڪارن جو انگ 15 ٿي ويو
رحيم يار خان: ( ويب ڊيسڪ ) ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي 2 گاڏين تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد اهلڪارن جو انگ وڌي15 ٿي ويو ، پوليس موجب ڪچي جي علائقي ماڇڪي ۾ ڌاڙيلن پوليس جي ٻن گاڏين تي اوچتو حملو ڪيو، ڊي پي او رحيم يار خان موجب پوليس موبائلون برسات جي پاڻي ۾ ڦاسي پيون ته ڌاڙيلن پوليس تي راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو، گهوٽڪي پوليس موجب ڌاڙيلن جي حملي ۾ 15 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا آھن، حملي کانپوءِ رحيم يار خان پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڏي نفري طلب ڪري ورتي
