اوٻاوڙو: شهيد صحافي بچل گهڃون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافي برادري جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-08-28 at 14.38.12_97bcff92

اوٻاوڙو  ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) گذريل ڏينهن هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل رائونتي جي صحافي  محمد بچل گهنڃون جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف بينظير چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف هنڌن تان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن محمد اسلم ملڪ گل محمد پنهور، غلام قمبر بوهڙ، غفار ملڪ، عبدالوحد ملڪ، مظفر چارڻ، فيض الله سميجو چيو ته گهوٽڪي ضلعو صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻيل آهي، گذريل ڏينهن صحافي محمد بچل گهڃون کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جنهن جا هن مهل تائين قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي محمد بچل گهنڃون جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *