عثمان شاهه هڙي ۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل برساتن علائقا ٻوڙي ڇڏيا رهواسين پريشان
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) عثمان شاهه ھڙي۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل برسات جاري آهي زوردار برسات ڪيترائي علائقا ٻوڙي ڇڏيا آهن، عثمان شاهه ھڙي، بهارخان ميرجت، ميرآباد، ٽنڊوسومرو، ابراھيم شاهه، قيصر سينھڙو ،ڪلر شاخ ۽ ٻين علائقن ۾زوردار وسڪارو جاري آهي، برسات سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي جڏهن ته انتظاميا غائب آهي، برسات بعد مورياڻي ڍوري ۽ ايلچي ڍوري ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رستو بند آهي، وسڪاري کانپوءِ بجلي جو نظام درهم برهم بڻيل آهي، تازو ئي ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسلن کي لکين رپيا بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، رهواسين پاران ڊپٽي ڪميشنر ٽنڊوالهيار توڙي لوڪل گورنمنٽ جي اختيارين کان فوري پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي
