سڳيون ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسو هلندڙ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو هلندڙ آهي، برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿي ويو، جڏهن ته برساتن بعد سنڌو درياهه جي پاڻي مسلسل چاڙهه سبب ڪچي جا مختلف ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ڳوٺاڻن مشڪلاتن جو شڪار آهن، هوڏانهن برسات جو سلسلو هلندڙ آهي مواصلاتي نظام درهم برهم بڻيل آهي
