دريا خان مري ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو هلندڙ
دريا خان مري ( رپورٽ: ڪاشف آرائين ) ڳوٺ بودلو ڏاھري، منگيا موري، ڳوٺ چاناري، تيتري، حاجي محمد بخش خاصخيلي، ميرانپور، ملو واحد بخش خاصخيلي، ٻيرڪي، ويسر، حاجي محمد خان خاصخيلي، کنڊومري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان لڳاتار 12 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو، برسات بعد ھيٺاھين وارن علائقن ۽ روڊن رستن تي برسات جو پاڻي بيھجي ويو، برسات سبب ووئڻن، ترن ۽ سارين جي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته برسات بعد ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري ويا آهن ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم بڻيل آهي
