شاهپور جهانيان: تازين برساتن بعد سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ چاڙهه، ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

WhatsApp Image 2024-08-28 at 10.52.33_0241f93e

شاهپور جهانيان ( رپورٽ: اسد ٻگهيو ) سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه برقرار آهي، شاھپور جهانيان جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڍنڍون ڍورا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ٻوڏ سبب ڳوٺ حاجي محمد عمر سيٺر، عرض محمد لغاري، دودو ٻگهيو، گچيرو پراڻو، ملڪياري، ڌڱاڻو مري سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، پاڻي ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ بعد ڪچي جي ڳوٺن جا شھرن سان زميني رابطا پڻ مڪمل طور ڪٽجي ويا آهن ، جڏهن ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺ عمر سيٺر جي رهواسي ڪامريڊ واحد بخش ملاح، نور محمد ملاح، گلبھار علي، قدير ڪلهوڙو، سڄڻ ٻگهيو، طوطو ڀٽي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته 2022 ۾ آيل ٻوڏ ۽ پيل برسات سبب اسان جا گهر ڊهي پيا هئا، گورنمينٽ فلڊ سروي ٽيم اسان جي ڪريل گھرن جي سروي ڪئي پر تنھن هوندي به اسان کي گھر ٺاهي ناهن ڏنا ويا، هينئر به ٻوڏ جي پاڻي اچڻ بعد اسان سخت پريشان آهيون ۽ ڪو دانھن ٻڌڻ وارو ناهي آيو، ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *