ميرپورماٿيلو: ڪچي جي ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان تي تشدد جي ويڊيو وائرل
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي )گھوٽڪي جي مغوي تي ڌاڙيلن پاران تشدد جي وڊيو وائرل، ڌاڙيلن مغوي خادم مگسي کي پاڻي ۾ بيهاري مٿس ھٿيار تاڻي وڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، ويڊيو ۾ نظر ايندڙ مغوي روئيندي منٿون ڪري رھيو آھي ته کيس بازياب ڪرايو وڃي، هوڏانهن مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس 5 ڏينھن جي مھلت گھري پر اسان جي مغوي نوجوان کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، ياد رهي ته ڪجھه ڏينھن اڳ مغوي جي وارثن احتجاج ڪندي قومي شاھراهه بلاڪ ڪيو ھو جنھن تي پوليس پهچي 5 ڏينھن جي مھلت گھري ھئي
