مورو واسي پورهيت جو پنهنجي پيرسن امڙ سميت صحافي آڏو احتجاج ڪيو

WhatsApp Image 2024-08-27 at 23.25.48_b05c772d

مورو ( ويب ڊيسڪ )مورو واسي پورھيت ميھر سابقي پنھنجي پيرسن امڙ زينت خاتون سان گڏجي احتجاجي مظاھرو ڪيو، هن چيو ته مان غريب مسڪين آھيان سڄو ڏينھن فارسلنگ جو ڪم ڪندو آھيان ۽ مون پنھنجي جاءِ وڪرو ڪري ٻئي ھنڌ پلاٽ وٺي جڳهه ٺھرايان پيو جتي ڪجهه شرپسند ماڻھو اچي مون تي حملو ڪري تشدد ڪرڻ بعد پاڻي وارو موٽر، سولر پليٽ، بيٽري، 12 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آھن ۽ آواز اٿارڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ھن الزام ھڻندي چيو ته مون کي پوليس اھلڪار غلام عباس سيال، راحب نائچ، ڪامران نائچ ۽ ٻيا حراسان ڪري رھيا آھن، هن چيو ته منھنجي پيرسن امڙ اکين کان نابين آھي جيڪا پڻ سخت پريشان آھي ۽ منهنجي پيرسن امڙ کي به ڌڪ ھنيا ويا آھن هن چيو ته وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *