ڏاهلي: ٿرپارڪر ضلعي ۾ تازين برساتن بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ ايندڙ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي اعليٰ سطحي اجلاس

WhatsApp Image 2024-08-27 at 23.14.33_d9713c86

ڏاهلي (رپورٽ عبدالجبار راھمون ) 27 آگسٽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ تازين برساتن بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ موسميات کاتي پاران وڌيڪ برساتن جي ڪيل اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي، اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري وزير دوست محمد راهمون ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي صدارت هيٺ درٻار هال مٺي ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن فقير شير محمد بلالاڻي، قاسم سراج سومرو، پ پ ٿرپارڪر ضلعي جي صدر انجنيئر گيان چند، ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺارٻين شرڪت ڪئي، صوبائي وزير دوست محمد راهمون سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن سميت ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٽائون آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي عملي سميت فيلڊ ۾ موجود رهن، هن کين اها به هدايت ڪئي ته ڄاڻايل عملدار مسلسل پنهنجن علائقن جي حدن ۾ برساتي صورتحال جو جائزو وٺي پمپنگ اسٽيشنن جا مسلسل دورا ڪن ته جيئن برسات جي مند ۾ عوام کي ڪا به تڪليف نه ٿئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *