شڪارپور: اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ پاران برساتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو

WhatsApp Image 2024-08-27 at 22.23.07_5d61b86a

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) مون سون برساتن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ پاران ميونسپل ڪاميٽي، پبلڪ هيلٿ جي عملدارن ۽ چونڊيل ڪائونسلرن سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، هن مختلف هنڌن الف شاهه شهيد، جماڻي هال، هڪڙا محلا، خانچند آباد، لاڙائي محلا ۽ ٻين هنڌن تي پهچي جائزو ورتو ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته موسميات کاتي مون سون برساتن جي اڳڪتي ڪئي آهي ته معمول کان وڌيڪ برسات پوندي، ان جي لاءِ پاڻ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي پهتو آهيان، هن ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ برسات دوران پمپنگ اسٽيشنن جي نگراني ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *