سڳيون: تازين برساتن ۽ ڪچي ۾ ٻوڏ بعد چوپائي مال ۽ ماڻهن ۾ وبائي مرض ڦهلجڻ لڳا
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو ) سڳيون جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ اچڻ ۽ سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيل برسات کان پوءِ ماڻهن توڙي چوپائي مال ۽ رهواسين ۾ خطرناڪ بيماريون تيزي سان ڦهلجڻ لڳيون آهن، سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ علاج جون ڪي به سهولتون نه هئڻ ڪري رهواسي مشڪلاتن جو شڪار آهن، جڏهن ته يونين ڪائونسل سڳيون ۽ يونين ڪائونسل عبدالڪريم کرل ۾ پيل برسات کان پوءِ مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مڇرن ۽ مکين جي چڪڻ سبب چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماريون تيزي سان ڦهلجڻ لڳيون آهن، ڪيترائي مال جا وٿاڻ خالي ٿي ويا آهن، ڳوٺ مطلب ڪلهوڙو جي رهواسي پورهيت غلام عمر ڪلهوڙو جون چار قيمتي مينهون بيماري سبب مري ويون آهن، هوڏانهن تازين برساتن بعد رهواسين ۾ مختلف بيماريون ڦهلجڻ لڳيون آهن، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي
