هڱورجا: محرابپور واسڻ عورت جو مڙس ظلمن خلاف احتجاج
هنڱورجا ( رپورٽ: شھمير نوحپوٽو ) محرابپور جي رهواسڻ شبانه وڌڻپوٽو پنهنجي مڙس استاد فدا حسين وڌڻپوٽو جي ظلمن خلاف سٽي پريس ڪلب هنڱورجا تي احتجاج ڪيو، هن دانهيو ته آءُ ڪنڊيارو جي رهواسڻ آهيان، منهنجي شادي 2015 ۾ محرابپور جي رهواسي فدا حسين سان ٿي هئي جنهن مان مون کي هڪ پٽ ۽ نياڻي جو اولاد آهي، هن چيو ته فدا حسين شروعات ۾ مون سان ۽ منهنجي اولاد سان پيار ڪندو هو، هن وڌيڪ چيو ته منهنجي مڙس کي فاطمه فائونڊيشن تعليم کاتي هنڱورجا ۾ آپريٽر جي نوڪري ملي جنهن بعد هن مختلف عورتن سان ناجائز تعلق رکيا ۽ ان بعد منهنجي اولاد جي زندگي تباهه ٿي وئي هن چيو ته آئون اهڙي شخص خلاف هلڻ نه ٿي چاهيان، وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي مون کي منهنجي اولاد کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪن
