سيتاروڊ: واپڊه جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج

20240827_191845

سيتاروڊ ( رپورٽ: عديل جانوري) واپڊا اليڪٽرڪ هائڊرو ليبر يونين سب ڊويزن رحماني طرفان واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف واپڊا آفيس کان گرڊ اسٽيشن جي مک گيٽ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي مولا بخش ٻگھيو، مھراڻ ميمڻ، دلشاد سولنگي، غلام محمد سومرو، نثار ٻگھيو ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻ ڳالهائيندي چيو ته واپڊه جي نجڪاري جو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي، واپڊه جي نجڪاري سان هزارين ملازم بيروزگار ٿيندا، اهڙو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *