ميهڙ: واپڊه جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج

20240827_183915

ميهڙ ( رپورٽ: عبدالرحمان چانڊيو ) آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو ليبر ورڪر يونين مرڪز جي سڏ تي واپڊا جي نجڪاري خلاف سيپڪو ملازمن حاجي حسين جتوئي، فھيم اسلم شيخ، سعيد ڪلھوڙو، محمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ جھنڊا کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ظالم حڪمرانن پاڪستان جا سڀ ادرا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ھاڻي وري حيسڪو ۽ سيپڪو سميت ٻين ڪمپنيين کي نجڪاري ڪري ملازمن سان ظلم ڪري رهيا آهن، اسين واپڊه جي نجڪاري کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *