حيدرآباد ۾ پوليس جون مختلف ڪاروائيون 5 جوابدار سوگها، چرس، آئيس ۽ شراب هٿ

WhatsApp Image 2025-12-15 at 16.34.10_3cd8aac6

حيدرآباد (رپورٽ: حسنين علي) مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس شفيق سولنگي ۽ جنيد راجپوت کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان صحت لاءِ ھاڃيڪار اجينو موتيو جا 7 ڪٽا ھٿ ڪيا.

جڏهن ته راھوڪي پوليس مٺو ملاح کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 10 لٽر ڪچو شراب ھٿ ڪري ورتو

مڪي شاهه پوليس منشيات فروش تيمور عرف ملا شيخ کي گرفتار ڪري 350 گرام چرس ھٿ ڪيو

ٽنڊويوسف پوليس بلال يوسفزئي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 25 گرام آئيس ھٿ ڪري ورتي، هوڏانهن پوليس گرفتار ڪيل سمورن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *