ٽنڊوالهيار: ڳوٺ فضل چنڊ واسي ناري جو اڳوڻي مڙس خلاف پيءَ ۽ ماءُ سان گڏجي ميڊيا سينٽر ميرآباد تي احتجاج

Screenshot 25-12-15 13-21-01

ٽنڊوالهيار (رپورٽ: اي جي عاقلاڻي) ميرآباد لڳ ڳوٺ فضل چنڊ رهواسڻ ناري مسمات خالده چنڊ پنھنجي پيءَ غلام قادر چنڊ ۽ ماءُ مسمات زاهده سان گڏ اڳوڻي مڙس جي ناجائزين خلاف ميڊيا سينٽر ميرآباد تي احتجاج ڪيو.

مسمات خالده ميڊيا آڏو دانهيو ته گهر ۾ مار ڪٽ ڪندا هئا، جنهن مان تنگ ٿي ٽنڊوالهيار جي ڪورٽ مان مڙس کان تلاق ورتي، تلاق وٺڻ بعد اڳوڻو مڙس عاشق چنڊ ۽ ٻيا جان کان مارڻ جون ڌڪيون ڏئي رهيا آهن.

ناري جي والده مسمات خالده چيو ته عاشق چنڊ، داد چنڊ، معشوق چنڊ ۽ ذولفقار چنڊ نينگري کي زبردستي کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ناري جي والد غلام قادر چنڊ جو چوڻ هو ته مون کي منهنجي فيملي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو زميوار ڄاڻايل جوابدار هوندا

هنن ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *