پي ايس ايل جو 11هون ايڊيشن ايندڙ سال 26 مارچ کان 3 مئي تائين کيڏيو ويندو، تاريخن جو اعلان
(ويب ڊيسڪ) پي سي بي جي عهديدارن ۽ قومي ڪرڪيٽرن نيويارڪ ۾ پاڪستان سپر ليگ جي روڊ شو ۾ شرڪت ڪئي، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اعلان ڪيو ته پي ايس ايل جو 11هون ايڊيشن ايندڙ سال 26 مارچ کان 3 مئي تائين کيڏيو ويندو.
هن چيو ته پي ايس ايل کي دنيا ۾ ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي سي بي ۽ پي ايس ايل انتظاميه ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پي ايس ايل ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي اهم فائدا ملن ٿا.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجا چيو ته پي ايس ايل جي انعقاد سان نوجوان پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي رانديگرن سان کيڏڻ جو موقعو ملي ٿو. اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم چيو ته پي ايس ايل پاڪستاني ڪرڪيٽ مداحن لاءِ سٺا تفريح جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي.
