خيبر پختونخواهه ۾ هلندڙ سال دهشتگرد واقعن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 502 شهري شهيد ٿيا
(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال دهشتگردي جي واقعن ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي پوليس پاران رپورٽ جاري، رپورٽ موجب هلندڙ سال دهشتگردي جا هڪ هزار 588 واقعا ٿيا، جن ۾ 223 شهري شهيد ۽ 570 زخمي ٿيا.
رپورٽ موجب واقعن ۾ 137 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 236 زخمي ٿيا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 18 اهلڪار به شهيد ٿيا، فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 124 جوان شهيد ۽ 244 زخمي ٿيا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته هلندڙ سال مختلف ڪاروائين ۾ 348 دهشتگرد ماريا ويا، دهشتگردي جا سڀ کان وڌيڪ واقعا بنون ۾ پيش آيا، جتي 41 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 89 زخمي ٿيا، بنون ريجن ۾ 54 شهري شهيد ۽ 125 زخمي ٿيا.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ 152 ڪيس داخل ٿيا، 137 دهشتگرد ماريا ويا، اتر وزيرستان ۾ 181 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا ۽ اتي 38 شهري شهيد ۽ 182 زخمي ٿيا، جڏھن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ 103 ڪيس داخل ٿيا، 39 شهري شهيد ۽ 86 زخمي ٿيا
